حڪومت ايل پي جي مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت نومبر لاءِ ايل پي جي مهانگي ڪري ڇڏي.
اوگرا نومبر مهيني لاءِ نين اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب ايل پي جي جي في ڪلو قيمت ۾ ٻه رپيا 88 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گهريلو سلينڊر 34 رپيا 9 پئسا مهانگو ٿيو آهي.
اگهن ۾ واڌ کانپوءِ هاڻ ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر جي قيمت 2 هزار 999 رپيا 47 پئسا مقرر ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.