بيروت (ويب ڊيسڪ) اسرائيل ۾ لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله جي راڪيٽ حملن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ سخت زخمي ٿي پيو.
راڪيٽ حملا اتر سرحد جي ويجهو ماتولا شهر جي ويجهو ڪيا ويا، مارجي ويلن مان هڪ اسرائيلي شهري هو، جڏهن ته باقي 4 پرڏيهي شهري هئا.
لبنان تي اسرائيلي فوج جي حملن ۾ 2 هزار 822 ڄڻا شهيد ۽ 12 هزار 937 زخمي ٿي چڪا آهن.
You might also like