اسپن پچز جي تجويز عليم ڊار پيش ڪئي، ڪريڊٽ عاقب جاويد کڻي ويو !

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان چئن ورهين کانپوءِ پنهنجي سرزمين تي انگلينڊ کي ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 2-1 تان شڪست ڏني.
ملتان ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ اننگز ۽ 47 رنسن تان شڪست جو منهن ڏسندڙ پاڪستاني ٽيم ملتان ۾ ئي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ کي 152 رنسن ۽ راولپنڊي ۾ کيڏيل ٽِين ۽ فيصلائتي ٽيسٽ ۾ نوَ وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي هئي.
سيريز ۾ پهرين ميچ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين سليڪشن ڪميٽي اهم فيصلا ڪندي ٽيم جي سينيئر رانديگرن کي ڊراپ ڪري علائقائي ڪرڪيٽ ۾ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي شامل ڪيو.
ان کانسواءِ ملتان ۽ راولپنڊي ۾ اسپن بالرن لاءِ سازگار پچون ميڊيا توڻي سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل رهيو .
انگلينڊ کي شڪست ڏيڻ لاءِ تيار ڪيل حڪمت عملي تحت ملتان ۽ پنڊي ۾ اهڙيون پچون تيار ٺاهيون ويون جيڪي اسپن بالرن لاءِ مددگار ثابت ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ ساجد خان ۽ نعمان علي ٻن ميچن دوران مجموعي طور 39 وڪيٽون ورتيون.
اسپن پچز جي تياري بابت مشهور ويب سائيٽ ڪرڪ انفو جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اسپن پچز جي تجويز عاقب جاويد نه پر عليم ڊار ڏني هئي.
رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته انگلينڊ خلاف اسپن ٽريڪ تيار ڪرڻ جو خيال ۽ طريقو عليم ڊار پيش ڪيو، پر عوامي سطح تي سمورو ڪريڊٽ عاقب جاويد ورتو يا ڄاڻي واڻي کيس ڏنو ويو ۽ عليم ڊار جو ڪٿي به ذڪر نه ڪيو ويو.
ساڳي ئي رپورٽ ۾ وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان بابت لکيو ويو آهي ته هو سدائين طاقت جي توازن ۽ هوا جو رخ ڏسي پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ رڌل هوندو آهي، سولن لفظن ۾ هو هڪ موقعي پرست شخص آهي.
رپورٽ ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ٻي ميچ ۾ عاقب جاويد جي هٿ ۾ اختيار اچڻ کانپوءِ هن باقاعده اسٽمپ مائيڪ تي ” عاقب بال “ جو نعرو هنيو ۽ موٽ ۾ کيس ٽيم جي ڪپتاني ملي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.