اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ برگيڊيئر رٽائرڊ اسلم گھمڻ کي پارلياماني پارٽي جي اجلاس مان ٻاهر ڪڍيو ويو.
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پارٽي اڳواڻن اسلم گھمڻ کي پارٽي جي جاچ کان آگاهه ڪيو ته آئيني ترميم تي حڪومت جي حمايت ڪرڻ واري فيصلي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي، کيس چيو ويو آهي ته هو خدشا ختم ٿيڻ تائين اجلاس ۾ نه ويهندو.
پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ موجب اسلم گهمڻ آئيني ترميم تي حڪومت جي حمايت جو فيصلو ڪيو هو.