ٽيم هڪ ٿي کيڏي ته ڪاميابي قدم چُميا: پي سي بي چيئرمين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي انگلينڊ خلاف فيصلائتي ٽيسٽ ميچ ۽ سيريز کٽڻ کانپوءِ قومي ٽيم جي رانديگرن سان ملاقات ڪئي.
قومي ٽيم سان ملاقات دوران محسن نقوي رانديگرن ۽ مئنيجمينٽ کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ” دير آيد درست آيد“ اوهان هڪ ٿي کيڏيا ته ڪاميابي قدم چميا، پهرئين ڏينهن کان ٽيم ورڪ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ اڄ نتيجو سڀني جي سامهون آهي.
محسن نقوي چيو ته ٽيم ۽ قوم کي ان ڪاميابي جي سخت ضرورت هئي، سڀني ڏٺو ته نون رانديگرن کي موقعو ڏيڻ سان نتيجو ڪاميابي جي صورت ۾ آيو.
هن چيوته سيريز ۾ نون رانديگرن محنت ڪئي، فائيٽ ڪئي ۽ فتح ملي، سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي سپورٽ ڪنداسين.
پي سي بي چيئرمين چيو ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ عمل کي حتمي جلد شڪل ڏيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.