ايران حملو، آمريڪا اسرائيل سان گڏ بيهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي بچاءَ واري وزير ايران تي حملن کانپوءِ اسرائيلي هم منصب سان رابطو ڪري اسرائيل جي سلامتي لاءِ گڏ بيهڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ڳالهين دوران آمريڪي ۽ اسرائيلي دفاع وارن وزيرن ايران تي حملي بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو.
وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان شان سويٽ جو چوڻ هو ته اسرائيل پنهنجي دفاع ۾ پهرين آڪٽوبر تي ايران طرفان ڪيل حملن جو جواب ڏيندي ايراني فوجي هدفن کي نشانو بڻايو آهي.
واشنگٽن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته کين اسرائيلي حملن بابت اڳ ئي آگاهه ڪيو ويو هو پر ان ۾ آمريڪا ملوث ناهي.
بائيڊن انتظاميا جي عملدارن موجب حملن جي جواب ۾ جيڪڏهن ايران رد عمل ڏنو ته خطرناڪ نتيجا هوندا، آمريڪا مخصوص هدفن کان آگاهه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.