راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته جيڪڏهن ماڻهو سيريز کٽڻ تي به تنقيد ڪندا ته افسوس ٿيندو.
پنڊي ٽيسٽ ۽ سيريز ۾ فتح بعد پريس ڪانفرنس ڪندي شان مسعود چيو ته ڊگهي عرصي کانپوءِ سيريز کٽڻ تي خوشي ٿي .
هڪ سوال جي جواب ۾ شان مسعود چيو ته جيڪڏهن ماڻهو کٽڻ تي به تنقيد ڪندا ته افسوس ٿيندو.
هن چيو ته ڪرڪيٽ راند آهي، هو ۽ رضوان پنهنجي فطري راند کان هٽي ڪري کيڏيا، صائم ايوب ۽ عبدالله شفيق ٽيم لاءِ پرفارم ڪيو.
قومي ڪپتان چيو ته صائم ايوب ۽ عبدالله شفيق پاڪستان جو مستقبل آهن، مستقبل جي ٽيم ٺاهڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا.
شان مسعود چيو ته ٽيسٽ ميچ ڀلي هڪ ڏينهن ۾ ختم ٿئي پرواهه ناهي پر شرط اِهو آهي ته اسان کي کٽڻ گهرجي.
هن چيو ته پاڪستان ٽيم جي قيادت پاڻ لاءِ اعزاز سمجهان ٿو، سيريز ۾ سموري ٽيم جي ڪارڪردگي شاندار رهي، ساجد خان ۽ نعمان علي سيريز ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو.
واضح رهي ته پنڊي ٽيسٽ ۾ پاڪستان انگلينڊکي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ٻه هڪ تان پنهنجي نالي ڪئي، پاڪستان پنهنجي سرزمين تي ساڍن ٽن ورهين کانپوءِ ڪائي ٽيسٽ سيريز کٽي آهي