اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ سڀني ڪورٽ رومز کي لائيو اسٽريمنگ سروس فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب لائيو اسٽريمنگ سروسز چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي خاص هدايت تي ڪئي پئي وڃي ۽ لائيو اسٽريمنگ جي سروس فريادين جي رضامندي سان مشروط هوندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪنهن عورت فريادي جي رضامندي تحت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ رازداري ڪئي ويندي.
ذريعن موجب سمنڊ پار پاڪستاني به پنهنجي ڪيسن جي ٻڌڻي سڌي ريت ڏسي سگهندا، لائيو اسٽريمنگ سروس لاءِ گهربل ڪئميرائن سميت ٻئي سامان جي خريداري جو جائزو ورتو پيو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته لائيو اسٽريمنگ لاءِ ڪميٽي سفارشون تيار ڪري حتمي منظوري لاءِ چيف جسٽس کي موڪليندي.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي رڳو عدالتي ڪمري نمبر 1 ۾ لائيو اسٽريمنگ جي سهولت آهي.
You might also like