لاهور ( ويب ڊيسڪ ) فاسٽ بالر محمد عامر جي آسٽريليا خلاف وائيٽ بال سيريز ۾ قومي اسڪواڊ ۾ شموليت بابت افواهه گردش ڪري رهيا آهن.
ميڊيار رپورٽس موجب، آسٽريليا خلاف وائيٽ بال سيريز لاءِ نوجوان رانديگرن کي موقعو ڏيڻ جو امڪان آهي.
وائيٽ بال سيريز ۾ نسيم شاهه، شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف جي واپسي ٿيندي، جڏهن محمد عامر کي اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪرڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ عامر سان رابطو ڪيو هو پر مختلف ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته فاسٽ بالر کي آسٽريليا خلاف وائيٽ بال سيريز لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، آسٽريليا جي دوري لاءِ محمد عامر جي جاءِ تي محمد حسنين کي قومي اسڪواڊ جو حصو بڻائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
ٻئي پاسي آسٽريليا خلاف محمد عامر جا انگ اکر متاثر ڪندڙ آهن هن ڪينگروز خلاف مختلف فارميٽس ۾ 58 وڪيٽون ورتيون آهن.
پاڪستان جي آسٽريلياجي دوري جي شروعات چار نومبر کان ون ڊي سيريز سان ٿيندي ان کانپوءِ 14 نومبر کان ٽي ٽوئنٽي سيريز شيڊيول آهي.
You might also like