پوليس سان ڏند چڪ وارو مامرو، ايمان مزاري جو موقف سامهون اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي نياڻي ايمان مزاري چيو آهي ته هن کي ڪورٽ پهچڻو هو ۽ ڪا به طاقت کيس پنهنجي پروفيشنل ڊيوٽي کان نٿي روڪي سگهي.
هڪ بيان ۾وڪيل ايمان مزاري چيو ته مون ڪو به قانون ناهي ٽوڙيو ۽ مون کي روڊ تان گذرڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي.
ايمان مزاري چيو ته هوءَ هڪ پروفيشنل وڪيل آهي، کيس ڪورٽ پهچڻو هو ۽ ڪا به طاقت هن کي پنهنجي پروفيشنل ڊيوٽي کان نٿي روڪي سگهي.
واضح رهي ته وڪيل ايمان مزاري ۽ سندس مڙس انگلش ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ لڳايل روٽ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي سندن پوليس ڏند چڪ ٿيا هئا.
اسلام آباد پوليس جو چوڻ هو ته ايمان مزاري ۽ سندس مڙس انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ لڳايل روٽ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ روڪڻ تي مزاحمت ڪئي.
پوليس موجب، ڄاڻايل واقعو جمعي جي صبح ان وقت ويجهو پيش آيو، جڏهن ٽيمن کي سخت سيڪيورٽي انتظامن هيٺ پنڊي اسٽيڊيم پهچايو پئي ويو.
پوليس موجب، ايمان مزاري جي مڙس پوليس اهلڪارن کي چماٽو هنيون، گارگند ڪئي ۽ اهلڪارن کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.