اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وڪيل ايمان مزاري ۽ سندس مڙس انگلش ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ لڳايل روٽ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي سندن پوليس ڏند چڪ ٿيا.
اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته ايمان مزاري ۽ سندس مڙس انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ لڳايل روٽ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ روڪڻ تي مزاحمت ڪئي.
پوليس موجب، ڄاڻايل واقعو جمعي جي صبح ان وقت ويجهو پيش آيو، جڏهن ٽيمن کي سخت سيڪيورٽي انتظامن هيٺ پنڊي اسٽيڊيم پهچايو پئي ويو.
ذريعن موجب، ايمان مزاري جي مڙس پوليس اهلڪارن کي چماٽو هنيون، گارگند ڪئي ۽ اهلڪارن کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.
پوليس جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ گيسٽ جي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ اسٽيٽ گيسٽ جي سيڪيورٽي کي خطري ۾ وڌو ويو، جڏهن ته ايمان مزاري ۽ سندس مڙس خلاف ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي.
You might also like