مڙس جي گٽڪي کائڻ تي عورت آپگهات ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ مڙس جي گٽڪي کائڻ جي عادت کان تنگ عورت آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست جي ضلعي هميرپور ۾ 24 ورهين جي عورت مڙس جي گٽڪي کائڻ جي عادت کان تنگ ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو.
ساريڪا نالي عورت مڙس کي گٽڪو ڇڏڻ جو چيو، جنهن تي ٻنهي ۾ ڏند چڪ ٿي ۽ زال ڪاوڙجي ڪمري ۾ ڦاهو کائي ڇڏيو.
واضح رهي ته ساريڪا ۽ سلڀ 2021 ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو پر مڙس جي گٽڪي کائڻ جي عادت سبب ٻنهي ۾ جهيڙو ٿيندو رهندو هو.
پوليس موبج عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال نيو ويو، جڏهن ته واقعي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like