چنيوٽ (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته تحريڪ انصاف 26هين آئيني ترميم جي حمايت ۾ شامل هئي.
پنجاب شهر چنيوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عبدالغفور حيدري چيو ته آئيني ترميم ۾ پي ٽي آءِ مڪمل طور تي اسان سان گڏ هئي، ايتري تائين جو اسان سڀ ڳالهيون طئي ٿيڻ کانپوءِ مسودو پي ٽي آءِ کي فراهم ڪيو هو.
هن چيو ته عمران خان کانسواءِ سموري قيادت کي مسودي تي ڪو اعتراض نه هو پر ان کي مڪمل درست قرار ڏنو ويو هو، پي ٽي آءِ قيادت جيل ۾ هجڻ سبب اسان پاڻ انهن کي ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ کان روڪيو هو.
سندس چوڻ هو ته بشريٰ بي بي کانپوءِ عمران خان به اڄ نه ته سڀاڻي آزاد ٿي ويندو.
Next Post
You might also like