اسلام آباد (ويب ڊسڪ) پاڪستان آمريڪي نمائندن جي ايوان طرفان پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ صدر جو بائيڊن کي لکيل خط تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ هفتيوار ميڊيا بريفنگ ۾ چيو ته ايس سي او اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ روسي وزيراعظم جي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ڪنهن جي پاڪستان دوري جي خبر جي تصديق نٿي ڪري سگهان.
هن چيو اهو روايتي عمل آهي ته وفد مانجهاندي ۽ ڊنر ۾ ڳالهه ٻولهه ڪن، پاڪستان ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزيرن ۾ ايس سي او سميت ڪا باضابطا ملاقات نه ٿي، رسمي ڳالهيون روايت آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي برڪس اجلاس ۾ دعوت نه ڏني وئي، پاڪستان برڪس جو رڪن ناهي، پاڪستان برڪس جي رڪنيت لاءِ درخواست ڏني آهي.
آمريڪي ڪانگريس نمائندن طرفان پي ٽي آءِ باني جي حوالي سان صدر جو بائيڊن کي لکيل خط تي پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان آمريڪا سان لاڳاپن کي اهميت جي نظر سان ڏسي ٿو، پاڪستان جي اندروني معاملن تي تبصرا سفارتي ادبن ۽ رياستي لاڳاپن جي ابتڙ آهن، اهي خط پاڪستان جي سياسي صورتحال جي غلط نشاندهي تي ٻڌل آهن.
Next Post
You might also like