ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس اڄ ڪاروبار دوران نئين بلندي تي پهچي ويو.
اڄ ڪاروبار جي شروعات سان ئي مارڪيٽ ۾ هاڪاري رجحان رهيو، 100 انڊيڪس ۾ 573 پوائنٽن جي واڌ ٿي، جنهن سان انڊيڪس 86 هزار 630 تي پهچي ويو.
ڪاروبار دوران مارڪيٽ ۾ وڌيڪ تيزي ڏٺي وئي ۽ انڊيڪس 641 پوائنٽون واڌ سان 86 هزار 699 تي پهچي ويو.
ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس تاريخي بلند ترين سطح 86 هزار 846 تي پهتو.
ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 409 پوائنٽون واڌ سان 86 هزار 466 جي رڪارڊ سطح تي بند ٿيو.
بازار ۾ اڄ 72 ڪروڙ شيئرز جو ڪاروبار 25 ا رب رپين ۾ طئي ٿيو، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 62 ارب رپيا واڌ سان 11352 ارب رپيا آهي.
Next Post
You might also like