نيوزيلينڊ 36 ورهين کانپوءِ ڀارت کي ان جي سرزمين تي هارائڻ ۾ ڪامياب

بينگلورو (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ 36 ورهين کانپوءِ ڀارت کي هوم گرائونڊ ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي.
بينگلورو جي ايم چنا سوامي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ ۾ ڪيويز ڀارت کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي ماڻي ورتي.
نيوزيلينڊ جي ٽيم 1988 کانپوءِ پهريون ڀيرو ڀارت کي هوم گرائونڊ تي ڪنهن ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.
واضح رهي ته ڀارت جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 46 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي، جڏهن ته نيوزيلينڊ پهرين اننگز ۾ 402 رنسون ٺاهيون.
ڀارت ٻي اننگز ۾ 462 رنسون ٺاهيون ۽ نيوزيلينڊ کي ڪاميابي لاءِ رڳو 107 رنسن جو هدف مليو، جيڪو ڪيويز 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.