اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر وريندر سهواگ به قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي خراب ڪارڪردگي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
شعيب اختر جي يوٽيوب چئنل تي ڳالهائيندي وريندر سهواگ بابر اعظم کي مشورو ڏنو ته هاڻ کيس ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ گهرجي، کيس پنهنجي فٽنيس تي ڪم ڪرڻ گهرجي، پوءِ ذهني طور مضبوط ٿي ٽيم ۾ واپسي ڪرڻ گهرجي.
هن چيو بابر مان اميدون گهٽجڻ ۽ ڪپتاني ڇڏڻ کانپوءِ ائين لڳي رهيو آهي ته ڄڻ هو ٽيڪنيڪي ۽ ذهني طور متاثر ٿيو آهي، هو باصلاحيت ڪرڪيٽر آهي ۽ جلد عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي ڪري سگهي ٿو.
You might also like