اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت کي آئيني ترميم تي ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.
ذريعن موجب حڪومت ۽ مولانا فضل الرحمان ۾ ڊيڊ لاڪ ختم ٿي ويو، مولانا فضل الرحمان پارٽي سينيٽرن کي هدايت جاري ڪندي چيو ته جي يو آءِ سينيٽر مسودي کي سپورٽ ڪن ۽ قومي اسيمبلي ۾ به ووٽ ڏنو وڃي.
هن چيو ته جنهن مسودي تي اسان سان مشاورت ٿي، ان جي حمايت ڪنداسين.
هوڏانهن فضل الرحمان پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آئيني ترميم جي حوالي سان مجموعي طور تي اسان ڪاري نانگ جا ڏند ڀڃي ڇڏيا آهن.
هن چيو ته تحريڪ انصاف جا ٿورائتا آهيون، جيڪڏهن تحريڪ انصاف پنهنجي ميمبرن تي تشدد سبب ووٽنگ ۾ حصو نٿي وٺڻ چاهي ته مان حامي آهيان، اسان گڏجي ڪوشش ڪئي پر ڪنهن پارٽي تي جبر نٿا ڪري سگهون.
You might also like