اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته مان پي ٽي آءِ باني لاءِ ڪو رليف نه پيو ڏسان.
پارليامينٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيند فيصل واوڊا چيو ته 26هين ترمي لاءِ نمبر به پورا ۽ نمبري به پوري آهي، ڪيبنيٽ ۾ اڄ اهو معاملو مڪمل ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته 26هين ترميم وڏي واڪين ڪئي پئي وڃي ۽ خوشخبريون ان کانپوءِ به اينديون.
سندس چوڻ هو ته عدالتن جا جيترا فيصلا ايندا آهن انهن جو احترام ڪندا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين، مان مطمئن آهيان ۽ جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن انهن تي قائم آهيان.
You might also like