توهان جو مون کي ڪو فائدو ناهي: عمران خان جيل ملڻ آيل پارٽي اڳواڻن تي ڏمرجي پيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان سان پارٽي اڳواڻن جي اڊيالا جيل ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
جيل ذريعن موجب عمران خان ملاقات لاءِ آيل پي ٽي آءِ اڳواڻن تي ڪاوڙجي پيو.
جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني پارٽي اڳواڻن کي چيو ته توهان جو مون کي ڪو فائدو ناهي، مان جيل مان ڪڍڻ لاءِ جيڪو پلان ڏنو هو، ان تي ڪنهن عمل نه ڪيو.
ذريعن موجب هن چيو ته مان احتجاج جاري رکڻ جو چيو هو، توهان جا سمورا احتجاج فلاپ ٿيا، توهان کي چيو هو ته ايس سي او تي احتجاج ڪرڻو آهي پر ڪنهن عمل نه ڪيو، منهنجي ڏنل منصوبي تي عمل ڪرڻ جي صورت ۾ ئي ٻاهر اچي سگهندس.
جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان سان تحريڪ انصاف اڳواڻن جي ملاقات اڻ پوري رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.