حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هڪ نظريي ۽ منشور سان گڏ وطن واپس آئي هئي.
حيدرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 18 آڪٽوبر 2007 تي پيش آيل واقعو ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو دهشتگردي جو واقعو آهي، جيالن بي بي شهيد جي حياتي بچائڻ لاءِ پنهنجي قرباني ڏني، پ پ ڪارڪنن ثابت ڪيو آهي ته اهي پنهنجي شهيدن کي ناهن وساريندا.
هن چيو ته ميثاق جمهوريت ۾ داخل آئيني عدالت ٺاهڻ شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو، ان عدالت جو مقصد پاڪستان جي آئين جو تحفظ ڪرڻ هو، مان پاڪستان جي عوام ۽ پ پ ڪارڪنن کي خوشخبري ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان آئيني عدالت ٺاهي رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته پاڪستاني عوام جو مطالبو آهي ته برابري جي نمائندگي تي ٻڌل آئيني عدالت ٺاهي وڃي ته جيئن تڪڙو انصاف ملي، سڀني جماعتن سان گڏجي آئين سازي ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان جو مطالبو مڃڻو پوندو، برابري جي عدالت ٺاهڻي پوندي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئيني عدالت ٺاهڻ قائداعظم محمد علي جناح جو مطالبو هو، ان کانپوءِ شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڄ مان ۽ عوام ان جو مطالبو ڪري رهيو آهي، سڀني سياسي جماعتن سان گڏجي ان اڻ پوري مشن کي مڪمل ڪري ڏيکارينداسين.
سياسي جماعتن سان گڏجي آئيني عدالت جو اڻ پورو مشن پورو ڪري ڏيکاريندس: بلاول ڀٽو زرداري
Next Post
You might also like