رواداري مارچ ۾ ڪجهه ماڻهو غلط نعرا هڻي رهيا هئا: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پ پ ڪڏهن به پرامن احتجاج ڪندڙن کي ناهي روڪيو، رواداري مارچ ۾ ڪجهه ماڻهو غلط نعرا هڻي رهيا هئا.
ڪراچي ۾ ڪارساز سانحي جي ورسي جي موقعي تي ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي واقعي تي آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، پ پ ڪڏهن به پرامن طور احتجاج ڪندڙن کي ناهي روڪيو، رواداري مارچ ۾ اهڙا ماڻهو به موجود هئا، جيڪي غلط نعرا هڻي رهيا هئا، ان باوجود مان پاڻ انهن سان رابطو ڪيو، معذرت ڪئي ۽ انڪوائري ويهاري، رواداري مارچ وارا قانون جي پابندي ڪن ها.
هن چيو ته اسان هر سال شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪارساز ايندا آهيون، اسان جا جيالا بهادر آهن، جن ڌماڪن باوجود محترمه بينظير ڀٽو جي حفاظت ڪئي، محترمه بينظير ڀٽو خطري باوجود پاڪستان آئي، کيس مخالف به مڃين ٿا ۽ بهادري تي سلام پيش ٿا ڪن.
سندس چوڻ هو ته اڄ بلاول ڀٽو حيدرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي، عوام کي ڀرپور نموني شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.