حماس يحيٰ سنوار جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي

غزا (ويب ڊيسڪ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس پنهنجي سياسي سربراهه يحيٰ سنوار جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب حماس جي نائب سربراهه خليل الحيه پنهنجي بيان ۾ چيو ته يحيٰ سنوار اسرائيلي فورسز سان بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي.
هن چيو ته يحيٰ سنوار جي شهادت سان فلسطيني مزاحمتي تحريڪ وڌيڪ جوڙ پڪڙي ورتو آهي، يحيٰ سنوار جي شهادت غاصب اسرائيل لاءِ تباهي جو پيغام ثابت ٿيندي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسرائيلي فوج حماس جي نئين سربراهه يحيٰ سنوار کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.