ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ لاڳو قلم 144 ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي.
انتظاميا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شهر ۾ وڌيڪ 48 ڪلاڪن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ اها پابندي 18 ۽ 19 آڪٽوبر تائين لاڳو رهندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته شهر ۾ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي هوندي، جڏهن ته جلسي ۽ ريلين جي اجازت نه هوندي.
You might also like