گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) عوامي آواز جي خبر درست ثابت ٿي ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي حفيظ الرحمان بگٽي شهرين جي اغوا، جعلي پوليس مقابلن، ڪچي جي ڌاڙيلن جي سهولتڪاري سميت ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث نڪتو آهي.
اهو انڪشاف ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه جي آءِ جي سنڌ کي موڪليل خط ۾ سامهون آيو آهي، جيڪو هن ايس ايس پي گهوٽڪي خلاف لکيو آهي.
ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي حفيظ الرحمان بگٽي ۾ اختلاف کليل نموني سامهون اچي ويا، پير محمد شاهه آءِ جي سنڌ کي حفيظ الرحمان بگٽي خلاف خط لکي ڇڏيو.
ڊي آءِ جي سکر جي خط ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ايس ايس پي گهوٽڪي ڌاڙيلن سان مليل آهي، هن جا پوليس اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث ڌاڙيلن سان به رابطا آهن.
واضح رهي ته عوامي آواز ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايس پي گهوٽڪي جي حوالي سان خبر ڇاپي هئي ته هو ڏوهارين سان رابطي ۾ آهي.
You might also like