اهم اڳڀرائي، پ پ ۽ ن ليگ آئيني عدالتن جي قيام تان هٿ کڻي ويون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئيني ترميمن جي حوالي سان اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي، پ پ ۽ ن ليگ آئيني عدالتن جي قيام تان هٿ کڻي ويون.
خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ خاص پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 26هين آئيني ترميم جي مسودي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ذريعن موجب حڪومتي اتحادي جماعتن ۽ جي يو آءِ ۾ آئيني عدالت جي قيام جي 26هين آئيني ترميم ڊراپ ڪرڻ ۽ آئيني بئنچ جوڙڻ تي اتفاق ٿي ويو.
حڪومت ۽ جي يو آءِ گڏيل مسودي تي پي ٽي آءِ سان مشاورت جو فيصلو ڪري ورتو، مولانا فضل الرحمان حتمي مسودو پي ٽي آءِ قيادت سان شيئر ڪندو ۽ مسودي جي تياري حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي.
پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي جو اجلاس ختم ٿي ويو، جيڪو سڀاڻي جمعي جي نماز کانپوءِ ٻيهر ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.