گذريل هڪ هفتي کان ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بدحالي ۽ خراب حڪمت عملي بحث جو موضوع بڻيل رهي، پر اڄ ساڳي تنقيد ڏکڻ ايشيا جي هڪ ٻئي ملڪ ڀارت تي ٿي رهي آهي.
ان تنقيد جو سبب ڀارت جو نيوزيلينڊ خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ جي پهرين اننگز ۾ رڳو 46 رنسن تي آل آئوٽ ٿيڻ آهي.
يقينن اوهان به اِهو سوچي رهيا هوندئو ته شايد ميچ نيوزيلينڊ ۾ ٿي رهي آهي جيڪا پنهنجي گرين پِچز ۽ بائونس لاءِ مشهور آهي پر اها ميچ ڀارت ۾ بيٽنگ لاءِ سازگار بئنگلورو جي ايم چناسوامي اسٽيڊيم ۾ ٿي رهي آهي پئي وڃي.
پهرين ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن برسات جي ور چڙهي ويو جنهن کانپوءِ اڄ ٻئي ڏينهن ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
ڀارت طرفان اوپنر شُڀمَن گِل انجري سبب ميچ ناهي کيڏي رهيو ۽ سندس جاءِ تي بيٽر سرفراز خان کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو .
ڀارت طرفان انتهائي محتاط انداز ۾ اننگز شروع ڪئي وئي ۽ ٽِم سائوٿي ۽ مئٽ هنري اوپنرن کي هٿ کولڻ جو موقعو نه ڏنو، بس رڳو هنري طرفان روهت شرما کي آئوٽ ڪرڻ جي دير هئي ۽ پوءِ بيٽرن جي لائين لڳي وئي.
هڪٻئي پٺيان بيٽر آئوٽ ٿيندا رهيا، هڪ موقعي تي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ڀارت پنهنجو ماضيءَ جو جو سڀ کان گهٽ ترين ٽوٽل يعني 36 رنسن به پار نه ڪري سگهندي پر ڀارت نيٺ سموري ٽيم 46 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
اِهو ڀارت جو پنهنجي سرزمين تي سڀ کان گهٽ ترين ٽوٽل جڏهن ته مجموعي طور تي ٽيون سڀ کان گهٽ اسڪور آهي.
ڀارت جي اسڪور ڪارڊ جو ذڪر ڪجي ته اتي ٻڙين جي ڀرمار نظر اچي ٿي، ڪوهلي، سرفرازخان، ڪي ايل راهول، رويندرا جاڙيجا ۽ روي ايشون کاتو کولڻ بنا پويلين موٽيا.
ڀارت طرفان سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر رشڀ پنت رهيو جيڪو ويهه رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، اوپنر يشسوي جئسوال 13 ۽ ڪپتان روهت شرما 2 رنسون ٺاهيون.
نيوزيلينڊ جي مئٽ هنري پنج شڪار ڪيا جڏهن ته وليم او رورڪ چار ۽ ٽِم سائوٿي هڪ وڪيٽ ورتي.
ڀارت جي هوم ٽيسٽ ۾ بدترين ڪارڪردتي تي ڪرڪيٽ شوقين ۽ تجزئي نگار حيرت جو اظهار ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته گذريل سيريز ۾ بنگلاديش خلاف ڀارت بهترين ڪارڪردگيءَ مظاهرو ڪندي 2-0 تان سيريز پنهنجي نالي ڪئي هئي.
تجزئي نگارن طرفان بئنگورو جي سيمنگ وڪيٽ تي ڀارتي بيٽنگ بابت سوال اُٿاريا پيا وڃن.
ڀارت ۾ ڪرڪيٽ پرستارن، نيوزيلينڊ لاءِ مددگار پِچ ٺاهڻ تي بي سي سي آءِ اختيارين تي ڏمريل آهن.
هڪ صارف لکيو ته ” ٽيم مئنيجمينٽ يا بورڊ ۾ ڪهڙو عقل جو اڪابر هو جنهن نيوزيلينڊ لاءِ سازگار پِچ ٺاهي؟ “
ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي واهپيدارن طرفان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ اننگز شڪست کانپوءِ ڏاڍيون ٽرول ڪيو ويو هو پر هاڻ اِهو ڪم پاڪستاني واهپيدار ۽ تجزيي نگار ڪري رهيا آهن.
هڪ پاڪستاني صارف لکيو ته اسان مڃيون ٿا ته پاڪستاني ٽيم گهر ۾ به هارائي ويندي آهي پر گهٽ ۾ گهٽ ايتري گهٽ ٽوٽل تي ته آئوٽ ناهي ٿيندي“
هڪ ٻيو واهپيدار لکيو ته ڪالهه تائين ڀارتي مداح پاڪستان ڪرڪيٽ تي ٺٺول ڪري رهيا هئا اڄ سڄي دنيا ڀارت تي کِلي رهي آهي.
دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته جواب ۾ نيوزيلينڊ طرفان بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ 67 رنسن جي اوپننگ ڀائيواري کانپوءِ ڊيون ڪانوي ۽ وِل ينگ وچ ۾ 75 رنسن جي پانٽرشپ قائم ٿي جنهن کانپوءِ هڪ واهپيدار لکيو ته ائين لڳي رهيو آهي ته ڀارت جي ٽيم نيوزيلينڊ ۾ جڏهن ته ڪيوي بيٽر ڀارت ۾ بيٽنگ ڪري رهيا آهن.
هڪ واهپيدار لکيو ته هڪ پاسي ڪوچ گوتم گمڀير چئي رهيو آهي ته اهڙي ٽيم ٺاهڻ چاهيون ٿا جيڪا هڪ ڏينهن ۾ چار سئو رنسون به ٺاهي ۽ ٻه ڏينهن بيٽنگ به ڪري ۽ ٻئي پاسي اِها ئي ٽيم 46 رنسن تي ڍير ٿيڻ جي صلاحيت به رکي ٿي.
ڪجهه واهپيدارن اتي اڳوڻي ڪپتان ايم ايس ڌوني( مهيندر سنگهه ڌوني) جي ياد ستائڻ لڳي ۽ هڪ صارف لکيو ته ڀارتي ٽيم ڪڏهن به ڌوني جي قيادت ۾ پنجاهه کان هيٺ آئوٽ نه ٿي هئي.
ڪرڪيٽ ڪامينٽيٽر هرشا ڀوگلي موجب” اوهان مان ڪيترن ماڻهن اِها ڄاڻ هئي ته ڀارت ۾ صبح جي وقت ۾ ايتري سيم ۽ سوئنگ دستياب هوندي، ڪيوي بالر ته يقينن پنهنجون اکيون مهٽي رهيا هوندا“
روهت اليون نيوزيلينڊ خلاف 46 رنسن تي ڍير، ” اڄ سڄي دنيا ڀارتي ٽيم تي کِلي رهي آهي“
Next Post
You might also like