ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيٽر روبينا خالد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ سنڌ گورنمينٽ اسپتال پي آءِ بي ڪالوني جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن چيو ته ايندڙ سال بي آءِ ايس پي جي رقم 10 هزار 500 رپين مان وڌائي 13 هزار 500 رپيا ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته ٻارن جي واڌ ويجهه بيهجڻ وڏو مسئلو آهي، ان مسئلي جي حل لاءِ پروگرام تحت ٻن سالن تائين مائرن کي روڪ رقم ۽ غذائي جزا فراهم ڪيا ويندا.
سندس چوڻ هو ته هن وقت پروگرام ۾ 93 لک ماڻهو رجسٽرڊ آهن، جيڪي 2025 تائين هڪ ڪروڙ ٿي ويندا.
روبينا خالد چيو ته تمام جلد بينظير اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون، 18هين ترميم کانپوءِ صحت جو معاملو سنڌ حڪومت ڏسندي آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like