اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني جلد لبنان جو دورو ڪندي

روم (ويب ڊيسڪ) اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني 18 آڪٽوبر تي لبنان جو دورو ڪندي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اٽلي جي وزيراعظم جي آفيس مان جاري ٿيندڙ بيان ۾ چيو ويو آهي ته جارجيا ميلوني جمعي تي اردن جي بادشاهه ۽ لبناني وزيراعظم سان ملاقات ڪندي.
اطالوي وزيراعظم اردن جي بادشاهه عبدالله سان عقبه ۾ مقامي وقب موجب صبح 10 وڳي ملاقات ڪندي، جنهن کانپوءِ هوءَ بيروت ۾ لبناني وزيراعظم نجيب ميقاتي سان منجهند 2 لڳي 30 منٽن تي ملاقات ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.