اپوزيشن ميمبرن کي هڪ ارب رپين کان به وڌيڪ جون آڇون ٿي رهيون آهن: اسد قيصر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر دعويٰ ڪئي آهي ته اپوزيشن ميمبرن کي هڪ ارب رپين کان به وڌيڪ جن آڇون اچي رهيون آهن.
پنهنجي بيان ۾ اسد قيصر چيو ته وفاقي حڪومت آئيني پيڪيج بابت مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، تجويز ڪيل آئيني ترميمن جي اصل مسودي کي اڃا تائين لڪايو ويو آهي.
هن چيو اسان کي اطلاع مليو آهي ته وفاقي حڪومت جو پراڻو مسودو اڃا برقرار آهي، حڪومت آئيني عدالتن کانسواءِ ملٽري ڪورٽس جي به ڳالهه ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته بنيادي انساني حقن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ آئيني ترميمن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، اسان پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.