ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ملڪي معيشت هلي پئي آهي، تنهن ڪري هاڻ اسان کي ايڪسپورٽ ڏانهن وڃڻو پوندو، ناڪاري پروپئگنڊا کي نظرانداز ڪري ملڪ مضبوط ڪرڻو آهي.
مقامي هوٽل ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ملڪ ۾ سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، گرين انرجي لاءِ اسان سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان کي اعزاز حاصل آهي ته اسان اي وي بسون لانچ ڪيون، اسان جو ٽارگيٽ آهي ته جلد کان جلد اي وي ٽيڪسي به لانچ ڪيون.
هن چيو چين جي وڏي ٽرانسپورٽ ڪمپني کي درخواست ڪئي آهي ته اها هتي اي وي بسون ٺاهي.
Next Post
You might also like