ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس جي جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي هدايت تي گهرو وزارت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکي ڇڏيو.
خط ۾ چيو ويو آهي ته پوليس انڪوائري موجب ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي جعلي مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو، واقعي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي ۽ ذميوارن جو پتو لڳايو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حاضڙ سروس جسٽس کان جڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڊاڪٽر شاهنواز جي قبر ڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم جو مرحلو مڪمل ڪيو ويو هو، چيف پوليس سرجن ڊاڪٽر وسيم جي سربراهي ۾ ميڊيڪل بورڊ پوسٽ مارٽم ڪيو.
ڊاڪٽر وسيم جو چوڻ هو ته حاصل ڪيل جزا ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري موڪليا ويندا ۽ رپورٽ لاڳاپيل اختيارين حوالي ڪئي ويندي.
Next Post
You might also like