رواداري مارچ تي تشدد، قومپرست اڳواڻن وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ ) قومپرست اڳواڻن ڪراچيءَ ۾ رواداري مارچ تي تشدد خلاف 16 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ، 20 آڪٽوبر تي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل توڙي سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪينال ڪڍڻ خلاف قومي ڪانفرنس ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، جسم چيئرمين رياض علي چانڊئي، قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ڊاڪٽر بدر چنا ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران رواداري مارچ تي تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.
قومپرست اڳواڻن رياض علي چانڊئي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين چيو ته جسٽس فار ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ڪميٽي ڪراچي ۾ رواداري مارچ ڪيو، جنهن مٿان پوليس وحشياڻو تشدد ڪيو، جنهن خلاف 16 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو ۽ ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي ڪارڪن ڪاريون پٽيون ٻڌندا.
هنن چيو ته 20 آڪٽوبر تي ڊاڪٽر شاهنواز جو عدالت کان مٿانهين قتل ۽ ڪميشن قائم ڪرڻ ۽ سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪينال خلاف پريس ڪلب آڏو قومي ڪانفرنس ٿيندي.
سندن چوڻ هو ته ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران سنڌ جي نياڻين، اديبن ۽ فنڪارن تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، جنهن جو ذميوار بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي سمجهن ٿا.
قومپرست اڳواڻن چيو ته رواداري مارچ کانپوءِ بخشل ٿلهو، پنهل ساريو ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ٿيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، اڳواڻن جي گرفتاري ۽ گهرن جي گهيراءُ خلاف احتجاج جاري رکيو ويندو.
هنن چيو ته پوليس پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان اڳ پريس ڪلب ٻاهران کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.