انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل وان بابر اعظم کي انگلينڊ جي خلاف سيريز جي باقي بچيل ميچن مان ڊراپ ڪرڻ واري پي سي بي جي فيصلي تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
آچر جي ڏينهن انگلينڊ خلاف ٻي ۽ ٽين ٽيسٽ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو جنهن ۾ بابر اعظم، نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي کي ڊراپ ڪيو ويو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ان فيصلي تي مائيڪل وان سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس ٽي ٽوئيٽ ڪئي ۽ پي سي بي کي ست سريون ٻڌائي ڇڏيون.
مائيڪل وان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پي سي بي تي ٺٺول ڪندي لکيو ته پاڪستان، انگلينڊ خلاف پهرين ميچ نه کٽي سگهيو ته بورڊ ملڪ جي بهترين رانديگر کي ڊراپ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
اڳوڻي انگلش ڪپتان بابر اعظم کي به ٽيگ ڪيو ۽ چيو ته لڳي ٿو ته پاڪستان ڪرڪيٽ سرپرائز سان مالا مالا مال آهي پر اِهو فيصلو سرِ فهرست آهي، اِهو انتهائي بيوقوفن وارو فيصلو آهي پر جيڪڏهن بابر اعظم پاڻ آرام گهري آهي ته پوَ قابلِ قبول آهي.
Next Post
You might also like