هڪ مهيني دوران پي آءِ اي جي ٽئين جهاز ۾ فني خرابي، ڪراچي ۾ هنگامي لينڊنگ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي شهر العين کان اسلام آباد لاءِ پي آءِ اي جي اڏام ۾ ايئر پريشر گهٽ ٿيڻ سان فني خراب ٿي، جنهن تي پائلٽ ايمرجنسي ڊڪليئر ڪندي ڪراچي ۾ هنگامي لينڊنگ ڪئي.
ايوي ايشن ذريعن موجب قومي ايئر لائن پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 144 العين کان رات پوڻي 2 وڳي اسلام آباد ٽيڪ آف ڪيو، صبح سوا 4 لڳي اڏام پاڪستان جي فضائي حدن ۾ ڪوئيٽا جي ويجهو هئي ته ايئر بس اي 320 جهاز جي هائيڊرولڪ سسٽم ۾ فني خربي پيدا ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مبينا طور تي سسٽم ۾ ايرر سبب جهاز اوچائي وڃائڻ شروع ڪئي ۽ اڏام ڪجهه منٽن ۾ 35 هزار فوٽن جي اوچائي کان 11 هزار فوٽ تي اچي وئي.
ذريعن موجب پائلٽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول ڪراچي سان رابطو ڪري هنگامي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ 11 هزار فوٽ جي هيٺين اڏام ۽ گهٽ رفتار ڪندي جهاز جو رُخ ڪراچي ڏانهن ڪري ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان دوران پائلٽ صبح 4 لڳي 51 منٽن تي ريڊار تي به هنگامي صورتحال جا سگنل ڏنا، جهاز صبح 5 لڳي 24 منٽن تي ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حفاظت سان هنگامي لينڊنگ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.