ملتان ٽيسٽ ۾ شرمناڪ شڪست، قومي پليئنگ اليون ۾ تبديلي جو امڪان

لاهور(ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ خلاف ملتان ٽيسٽ ۾ شرمناڪ شڪست کانپوءِ ٻي ٽيسٽ لاءِ قومي ٽيم ۾ اهم تبديلين جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، قومي ٽيم جي اوپننگ جوڙي عبدالله شفيق ۽ صائم ايوب جي مسلسل ناڪامي کي نظر ۾ رکندي امام الحق جي پليئنگ اليون ۾ واپسي تي غور ڪيو پيو وڃي.
ان کانسواءِ ڪامران غلام، مير حمزا، نعمان علي ۽ نوجوان اوپنر محمد حريرا کي به پليئنگ اليون ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
ٻئي پاسي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته انگلينڊ خلاف ٽن ميچن جي سيريز کانپوءِ قومي ڪپتان شان مسعود کي هٽايو ويندو، سندس جاءِ تي محمد رضوان، سعود شڪيل ۽ سلمان علي آغا ٽيم جي قيادت سونپي سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.