تجويز ڪيل آئيني ترميمن خلاف درخواست تي ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ قائم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ تجويز ڪيل آئيني ترميمن خلاف درخواست تي ٻڌڻي لاءِ 3 رڪني بئنچ جوڙي ڇڏي.
چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ بئنچ 17 آڪٽوبر تي ٻڌڻي ڪندي، بئنچ ۾ جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس شاهد بلال شامل آهن.
واضح رهي ته وڪيل عابد زبيري تجويز ڪيل آئيني ترميمن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي هئي.
رجسٽرار آفيس ايڊووڪيٽ عابد زبيري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.
تجويز ڪيل ترميم موجب صوبائي آئيني عدالتون چيف جسٽس، قانون واري صوبائي وزير ۽ بار ڪائونسل جي نمائندگي تي ٻڌل هونديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.