ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ جي نتيجن تي منع نامو جاري ڪندي ميرٽ لسٽ جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل ۾ داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ امتحان ۾ بي قاعدگين جي ڪيس تي ٻڌڻي ٿي.
عدالت نتيجن تي منع نامو جاري ڪندي چيو ته ڪو ادارو داخلائن جو عمل شروع نه ڪري، حڪومت ڪميٽي ٺاهي ڪريمنل ۽ سول ذميواري لاڳو ڪري، ڪميٽي سمورن الزامن جي 15 ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪري.
عدالت چيو ته ڪميٽي ڪنهن به اداري کان مدد حاصل ڪري سگهي ٿي، ڪميٽي ٽيسٽ وٺندڙ يونيورسٽين ۽ پي ايم ڊي سي کان رڪارڊ طلب ڪري سگهي ٿي.
You might also like