پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه اسيمبلي اجلاس ۾ ميمبر وڙهي پيا، جنهن دوران لتن ۽ مڪن جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو.
رپورٽ موجب اپوزيشن ميمبرن اسپيڪر کان ڳالهائڻ جو وقت گهريو هو، اپوزيشن ميمبر کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ملڻ تي ڏند چڪ ٿي، جنهن کانپوءِ ميمبر هٿين پئجي ويا.
تحريڪ انصاف جو نيڪ محمد ۽ تحريڪ انصاف پارليامينٽيرينز جو اقبال وزير هٿين پئجي ويا، ٻنهي ايم پي ايز جو واسطو اتر وزيرستان سان آهي.
جهيڙي دوران ايوان ۾ موجود ٻنهي ميمبرن جي حامين به هڪٻئي تي حملا ڪيا، صورتحال ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اسپيڪر اجلاس 15 منٽن لاءِ معطل ڪيو، ان دوران سيڪيورٽي اهلڪارن کي به طلب ڪيو ويو.
صوبائي وزير اپوزيشن ميمبرن کي پرچائڻ لاءِ اپوزيشن جي بئنچن تي آيا، جنهن کانپوءِ حالتون نارمل ٿي ويون، جڏهن ته هٿين پوندڙ ٻنهي ايم پي ايز کي ٻاهر موڪليو ويو.
اپوزيشن ميمبرن چيو ته وڏي وزير کي ڳالهائڻ لاءِ وقت مليو، اسان کي ڇو نٿو ملي.
اي اين پي جي نثار باز چيو ته مان پنهنجي پارٽي جو موقف بيان ڪندس، شرافت جو غلط فائدو نه ورتو وڃي.
You might also like