ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) الشهباز پينل (سينوا) جي چيئرمين علي حيدر چيو آهي ته اسان جي جدوجهد ملازمن جي حقن لاءِ آهي، اسان سمورن دوستن کي متحد ڪرڻ چاهيون ٿا.
هن اها ڳالهه ايس اينڊ جي ڊي جي فيضياب خان دارني ۽ سندس ٽيم جي الشھباز پينل ۾ شامل ٿيڻ جي موقعي تي سندس پيغام ۾ ڪئي.
ان کان پھرين الشھباز پينل جي صدر لياقت علي سولنگي، جنرل سيڪريٽري مير عابد بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ فيضياب دراني سان ملاقات ڪئي ۽ کيس الشھباز پينل ۾ شموليت جي دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪئي.
فيضياب دراني چيو ته مون کي الشهباز پينل جي قيادت تي مڪمل اعتماد آهي، اسان چاهيون ٿا ته سڀني ملازمن جا جائز مطالبا ۽ مسئلا حل ٿين.
صدر شهباز لياقت علي سولنگي چيو ته اسان سدائين مخلص ۽ باوقار دوستن جو قدر ڪيو آهي، جنرل سيڪريٽري الشهباز مير عابد بلوچ چيو ته اسان جو مقصد ملازمن جا سمورا مسئلا بروقت حل ڪرڻ آهي.
الشهباز پينل جي ترجمان حيدر جوڻيجو چيو ته فيضياب خان دراني کي شهباز پينل ۾ ڀليڪار چئون ٿا، الشهباز پينل اڳواڻ سنگراسي عيسيٰ سوڊو چيو ته ملازمن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ريحان بروهي چيو ته انهن سڀني دوستن جا ٿورائتا آهيون، جيڪي الشھباز پينل جي قافلي ۾ شامل ٿي رهيا آهن.
الشهباز پينل اڳواڻ مير اشرف هادي چيو ته ملازمن جي اتحاد سان ئي حق سولائي سان حاصل ڪري سگهجن ٿا.
آخر ۾ اڳواڻن الشھباز پينل ۾ شامل ٿيندڙ فيضياب دراني کي ڀليڪار ڪندي گلن جا ھار پارايا.
You might also like