اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فلسطين مسئلي تي ايوان صدر ۾ ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ غزا ۾ جاري اسرائيلي ظلمن جي ڀرپور مذمت ڪئي وئي.
وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي وچ اوڀر جي صورتحال ۽ فلسطين جي موضوع تي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري سميت سياسي جماعتن جي سربراهن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي.
آل پارٽيز ڪانفرنس جي پڌرائيءَ موجب اسرائيل عالمي قانونن جا بخيا اڊيڙي رهيو آهي، فلسطين جي عوام کي حق ڏيارڻ لاءِ حمايت جي خاطري ڪرايون ٿا، فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا، غزا ۾ فوري طور جنگبندي ۽ جارحيت جي خاتمي جو مطالبو ٿا ڪيون.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته اسرائيل نسل ڪشي ۽ جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، او آءِ سي، عرب ليگ ۽ ٻين عالمي ادارن طرفان امن ۽ استحڪام لاءِ سياسي ۽ سفارتي ڪوششن جي حمايت ڪيون ٿا، پاڪستان آزاد فلسطيني رياست جي حمايت ڪري ٿو.
پڌرائيءَ موجب آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن اسرائيل خلاف اسلامي ملڪن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ جي ڪوششن جو مطالبو ڪيو.
ان کان اڳ صدر آصف علي زرداري خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل پنهنجي جارحاڻي ڪارروائين ۾ واڌ ڪندو پيو وڃي، جيڪو خطي جي امن لاءِ خطرو آهي، عالمي برادري اسرائيل کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، فلسطين ۾ مسلمانن جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي، دنيا ان ڳالهه جو سخت نوٽيس وٺي.
ن ليگ صدر نواز شريف خطاب ڪندي چيو ته اسان اهڙو ظلم زندگي ۾ ناهي ڏٺو، گڏيل قومن جي ان حوالي سان خاموشي عجيب قسم جي آهي.
هن چيو ته فلسطينن جو رت رنگ لائيندو، عالم اسلام کي فيصلائتا قدم کڻڻ گهرجن، اسلامي ملڪن وٽ وڏي قوت آهي، اسلامي ملڪ پنهنجي قوت اڄ استعمال نه ڪندا ته ڪڏهن ڪندا؟
سندس چوڻ هو ته گڏجي هڪ پاليسي ٺاهڻي پوندي، اسان کي پنهنجون سفارشون جوڙي اسلامي دنيا سان رابطو ڪرڻ گهرجي، اسان کي عوام جي اميدن تي پورو لهڻو آهي، ان حوالي سان تڪڙي قدم کڻڻ گهرجن، اسرائيلي ظلمن تي خاموشي انسانيت جي ناڪامي آهي.
فلسطين تي اي پي سي: اسرائيل خلاف اسلامي ملڪن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ جو مطالبو
You might also like