اي اين ايف سمنڊ رستي منشيات سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اينٽي نارڪوٽڪس فورس سمنڊ رستي منشيات سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
اي اين ايف سمنڊ رستي منشيات سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، مڪران ڪوسٽل لائن ڀرسان منشيات جي وڏي کيپ قبضي ۾ ورتي وئي.
اي اين ايف اختيارين جو چوڻ آهي ته ڳجهي نگراني کانپوءِ نار عمال ويندڙ اسپيڊ بوٽ جو پيڇو ڪيو، جيوڻي ڀرسان سمنڊ ۾ ڪامياب آپريشن ذريعي وڏي مقدار ۾ آئس برآمد ڪئي وئي.
ايف اين ايف ترجمان موجب ڪيترن ئي ڪلاڪن تي ٻڌل آپريشن ۾ مجموعي طور 60 ڪلو آئس برآمد ٿي، اها مختلف پيڪيٽن ۽ دٻن ۾ مهارت سان لڪائي وئي هئي.
ترجمان چيو ته اونهي سمنڊ جو فائدو وٺندي جوابدار فرار ٿي ويا، جنهن جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري آهي، سندن خلاف منشيات روڪ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.