ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ايئرپورٽ ڌماڪي جي جاچ لاءِ گڏيل ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ايئرپورٽ ڀرسان ڌماڪو ناقابل برڊاست آهي، اهڙا واقعا نه ٿيڻ گهرجن.
مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻيون اختياريون شريڪ ٿيون.
اجلاس دوران صوبي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ وڏي وزير کي ڪراچي ڌماڪي تي بريفنگ ڏني وئي.
مراد علي شاهه واقعي جي جاچ لاءِ گڏيل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل ڪميٽي جوڙي وڃي.
هن چيو ته ايئرپورٽ ڀرسان ڌماڪو برداشت جوڳو ناهي، اهڙا واقعا نه ٿيڻ گهرجن، پوليس ۽ ٻيا ادارا انٽيليجنس جو ڪم تيز ڪن.
وڏي وزير قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڪوآرڊينيشن وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
You might also like