ملتان (ويب ڊيسڪ) انگلش ٽيم جي فاسٽ بالر گس ايٽڪنسن چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ پرجوش آهيان، هتي اچي خوشي ٿي آهي، ان کان اڳ پي ايس ايل لاءِ هڪ ڀيرو پاڪستان اچي چڪو آهيان.
ملتان ۾ ڳالهائيندي گس ايٽڪنسن چيو ته اسان هتان جي موسم سان هم آهنگ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇو ته ظاهري طور انگلينڊ جي ڀيٽ ۾ هتي موسم گهڻي گرم آهي.
هن چيو ته اسان بهترين ٽريننگ سيشن ڪيا آهن، توڙي جو هتي ڪنڊيشن مختلف آهي پر اسان گهڻو مختلف ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته جيڪي رانديگر هتي اچي کيڏي چڪا آهن، انهن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ مان پنهنجي انداز سان کيڏي بهترين ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.
گس ايٽڪنسن چيو ته بابر، رضوان ۽ شاهين سميت پاڪستان وٽ زبردست رانديگر آهن، مان اڃا فيصلو ناهي ڪيو ته ڪنهن کي ٽارگيٽ ڪرڻو آهي پر سٺو مقابلو ٿيندو، اسان جو بالنگ اٽيڪ سٺو آهي، تجربي ڪار ڪرس ووڪس سان گڏ ڪجهه نوجوان بالر به موجود آهن.
You might also like