ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اسٽار اجي ديوگن جي ايڪشن فلم ”سنگهم اگين“ بابت هڪ دلچسپ اپ ڊيٽ سامهون آئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ان فلم ۾ سلمان خان پنهنجي مشهور ڪردار ”چلبل پانڊي“ جي صورت ۾ هڪ اهم موقعي تي نظر ايندو پر هو 7 آڪٽوبر تي رليز ٿيندڙ ٽريلر ۾ شامل نه ٿيندو.
ذريعن موجب سلمان خان ان ڪردار جي شوٽنگ اڃا مڪمل ناهي ڪئي ۽ هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پنهنجي ڪيميو سين جي شوٽنگ ڪندو.
واضح رهي ته فلم ۾ اجي ديوگن، اڪشي ڪمار، رنوير سنگهه، ڪرينا ڪپور، دپيڪا پڊڪون ۽ ٽائيگر شروف شامل آهن، جيڪا پهرين نومبر تي رليز ٿيندي.
You might also like