پي ٽي آءِ سدائين احتجاج جي آڙ ۾ تشدد جو رستو اختيار ڪيو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران تشدد ۾ اهلڪار جي شهادت تي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تحريڪ انصاف سدائين احتجاج جي آڙ ۾ تشدد جو رستو اختيار ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد پوليس جي اهلڪار عبدالحميد جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.
هن شهيد اهلڪار جي وارثن سان تعزيت ڪندي چيو ته ان ئي سياسي جماعت ماضي ۾ سرڪاري ٽي وي جي عمارت تي حملو ڪيو ۽ پارليامينٽ هائوس جو در ڀڳو.
هن واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي انجام تي پهچائڻ جي هدايت ڪئي.
واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي پرتشدد احتجاج دوران زخمي ٿيندڙ اسلام آباد پوليس جي ڪانسٽيبل عبدالحميد شاهه دم ڏئي ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.