علي امين کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، سندس ڪي پي هائوس مان ڀڄڻ جي وڊيو موجود آهي: محسن نقوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته علي امين گنڊاپور کي ڪنهن اداري گرفتار نه ڪيو، سندس ڪي پي هائوس مان ڀڄڻ جي وڊيو موجود آهي.
ڊي چوڪ تي پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران تشدد سان شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪار جي جنازي نماز کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته جيڪو به پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث آهي، اهو نه بچندو.
هن چيو ته علي امين گنڊاپور اسان جي حراست ۾ ناهي، کيس ڪنهن ٻئي اداري به حراست ۾ نه ورتو، علي امين ڪي پي هائوس ۾ موجود ناهي، اتان ڀڄي ويو هو، شڪ هو ته هو موجود هوندو پر اتي نه هو، علم ناهي ته علي امين ڪي پي پهچي ويو آهي يا نه، ڪي پي هائوس مان علي امين جي ڀڄڻ جي وڊيو موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.