تحريڪ انصاف ملڪي ساک کي نقصان پهچائي رهي آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج کي مذمت جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته احتجاج لاءِ ان وقت جي چونڊ جڏهن شنگهائي سهڪار تنظيم جو سربراهي اجلاس ٿيڻ وارو آهي، اهو پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي متاثر ڪرڻ آهي.
پنهنجي بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته اهو قدم پاڪستان جي عالمي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش آهي، هڪ ملڪ جي پرڏيهي وزير کي احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت سياسي مفادن لاءِ ملڪي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش آهي، جڏهن دنيا ڏسي رهي هجي ته اسان کي اتحاد ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته هي وقت پاڪستان لاءِ عزم، استحڪام ۽ قيادت ڪرڻ جو وقت آهي، اسان کي ننڍن ننڍن سياسي مفادن کان مٿانهون ٿيڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.