اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته طالبان ٽي پي آءِ جا سهولتڪار آهن ۽ انهن جا هٿياربند پي ٽي آءِ سان گڏ اچي رهيا آهن، اسان انهن هٿياربند جٿن کي هر قيمت تي جواب ڏينداسين.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ وارن کي چيو هو توهان کي جيڪو به احتجاج يا جلسو ڪرڻو آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس کانپوءِ ڪيو پر هو ضد تي قائم رهيا، انهن جو مقصد هن ڪانفرنس کي ناڪام بڻائڻ آهي، نه ته احتجاج 10 ڏينهن کانپوءِ به ڪري پئي سگهيا.
هن چيو اهي چاهين ٿا ته ٻه لاش ڪرن ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته انهن کي ڪو لاش نه ملي ۽ ڪو جاني نقصان نه ٿئي، ان جو سڀ کان وڏو ثبوت پوليس کي هٿيار نه ڏيڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته اسلام آباد تي پي ٽي آءِ جي ڪاهه دشمن قوتن جو حملو سمجهون ٿا، طالبان جا هٿياربند جٿا پي ٽي آءِ سان گڏ اچي رهيا آهن، اسان انهن جٿن کي هر قيمت تي جواب ڏينداسين.
خواجا آصف چيو ته علي امين گنڊاپور سرڪاري وسيلا استعمال ڪري رهيو آهي، سوين افغان شهري به ان جي جٿي جو حصو آهن، اهي ملڪي وقار کي نشانو بڻائڻ چاهين ٿا، طالبان پي ٽي آءِ جا سهولتڪار آهن، اسلام آباد تي حملي پويان افغانستان ۾ ويٺل دشمن ملوث آهن.
You might also like