اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ غير قانوني هٿيار ۽ شراب برآمدگي ڪيس ۾ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ علي امين گنڊاپور خلاف غير قانوني هٿيار ۽ شراب برآمدگي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
جڊيشل مئجسٽريٽ مبشر حسين زيدي بهارا ڪهو ٿاڻي ۾ داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڪيترائي ڀيرا عدالتي طلبي باوجود علي امين گنڊاپور عدالت ۾ پيش نه ٿيو.
عدالت علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ حڪم ڏنو ته علي امين گنڊاپور کي گرفتار ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت پيش ڪيو وڃي.
Prev Post
You might also like